اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي قومي راندين جي ٽيمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي رانديگرن تي زور ڏنو آهي ته اهي محنت ۽ ديانت??ار?? سان دنيا ۾ ??اڪ??تان جو نالو روشن ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڏهين چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز گالف چيمپيئن شپ 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته راندين جي ميدان ۾ ??اڪ??تان کي ڊگهي عرصي کان تعصب درپيش آهي، ??اڪ??تان ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وبا جي باوجود انگلينڊ جو دورو ڪيو جڏهن ته غيرملڪي ٽيمن ??اڪ??تان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم قومي ٽيم جي رانديگرن کي ??حيح چيو آهي ته اهي ميدان ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين جيڪا اهم آهي. هن چيو ته ??اڪ??تاني قوم ۾ صلاحيتون ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، قومي ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي، وقار ۽ عزت نفس برقرار رکندي ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪن. صدر چيمپيئن شپ ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن نظم ۽ ضبط ۽ محنت سان اها ڪاميابي حاصل ڪئي. هي راند ديانت??ار?? سيکاري ٿي اسان کي ??اندين سميت سمورن شعبن ۾ ديانت??ار?? جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گالف جا ميدان سرسبز ۽ شاداب هوندا آهن، انسان جي فطرت آهي ته اهو سرسبز نظارن جي ڳولا ڪندو رهي ٿو. مارگلا گرين گالف ڪپ ??اڪ??تان جو خوبصورت ترين گالف ڪلب آهي. ان ڪلب تحت وڻڪاري پڻ ڪئي وڃي ٿي، ان ڏس ۾ هي ماحوليات جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته راندين سان جسم تندرست ٿئي ٿو، گالف مهانگي راند آهي پر اها ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي. صدر ايميچيورز، سينئر ايميچيورز ۽ عورت ڪيٽيگريز ۾ کٽيندرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. ڪوئيٽا گالف ڪلب جي ميجر سليم کي ونر ٽرافي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻيون اعليٰ سول ۽ فوجي شخصيتون پڻ موجود هيون. چئن ڏينهن وارو چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز گالف ڪلب ڪپ هر سال منعقد ڪيو وڃي ٿو.