اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل برادري وفاقي وزير کي جهلم ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چ??نڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي تي ??بارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌارن ۽ ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي ??دمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻيو ترميمي) آرڊيننس 2021ع جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چ??و ته صدر آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊين??س جاري ڪيو، آرڊين??س جي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مشاورت سان احتساب عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چيو ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس ۾ شامل آهن.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيلن جي مس??لن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جهل?? لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چ??مبرز جي تعمير جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل برادري کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي به غور ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير وڪيلن کي جهلم ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جهلم درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته الله کان پنڊداد خان ۽ جهلم روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ جي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي الله کان جهلم تائين ٻن لائين واري روڊ جي تعمير تي 16 ارب روپين جي لاڳت ايندي، وڪيل برادري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي آغاز تي ??فاقي وزير چوڌري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب فيصل چوڌري ۽ سرفراز چوڌري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر راجا توقير احمد خان، جنرل سيڪريٽري راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چ??ڌري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي اڳوڻي صدر چوڌري عبدالرشيد گوندل، پنجاب بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين چوڌري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جنجوعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.