اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو ??يو، خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جڏهن ته پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ جي سلامتي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت، اسلام جي سربلن??ي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، اتحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهن??ي، اتحاد ۽ اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن جي بحالي، دهشتگر??ي، انتهاپسن??ي، بدامني، غربت، بيروزگاري، مهانگائي جي خاتمي، عوامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪيون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جشن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو ??يو ??ڃي ته نبي آخر الزمان صه جي تعليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ڪيو ??يندو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سمورين تقريبن ۾ ڪور??نا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ??يو ??ڃي.