اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ ذميداراڻو انداز اختيار ڪرڻ تي زور ??يندي چيو آهي ته مڪمل هم آهنگي ۽ قوم جي ثقافتي تنوع کي اتحاد ۾ بدلائڻ جي لاءِ امن ۽ رواداري جي قدرن تي ٻڌل پاڪ??تا?? جو ثقافتي بيانيو وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪ??تا?? نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”قومي يڪجهتي ۽ ثقافتي هم آهنگي“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪ??تا?? جي ثقافت سمورن صوبن ۽ قوميتن جي رسم ۽ رواج جو حسين امتزاج آهي. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت تحت قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي اهتمام هيـٺ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان اسڪالرز شرڪت ڪئي ته جيئن قومي ثقافتي انضمام جي موضوع تي غور ??ري سگهجي. صدر چيو ته پاڪ??تا?? جي ثقافت گڏيل بقا??ُ ۽ هم آهنگي جي تصور سان جڙيل آهي، قوم کي سماجي قبوليت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ رهنما اصول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مذهب ۽ خواهشن جو گڏيل عمل ڪجهه وقت پاڻ کي رواداري ۽ برداشت جي رستي تان هٽائي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪنهن خاص عقيدي کي ٻين تي مڙهيو ويندو آهي ته مصيبتون ۽ تڪرار سامهون ايندا آهن، هن چيو ته اسلامي ثقافت ملڪ جي سماج کي پاڻ ۾ گڏي سگهي ٿي جيڪا هم آهنگي تي زور ??يندي آهي، هن قوم تي زور ??نو ته هو مذهب جي آڙ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيندڙن کان هوشيار رهي، اهڙي طرح سامجي تڪرارن کي هوا ڏني ويندي آهي، هن صوفي بزرگن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ تي به زور ??نو جنهن ۾ دلين کي جوڙڻ جي لاءِ رواداري تي ڌيان ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته ٻه قومي نظريو پاڪ??تا?? جي نظرياتي بنياد آهي جنهن هڪ قوم جي ڌار مذهبي، ثقافتي ۽ روايتي شناخت تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته اڄ جي هند??تا?? ۾ هندو انتهاپسند آر ايس ايس مسلمانن جي ثقافتي شناخت کي مٽائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ خبردار ڪيو ته اها صورتحال پاڻ ڀارت کي ثقافتي تباهي جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي، ان موقعي تي صدر معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ قوم ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندڙ جعلي خبرن جي رجحان کي ترڪ ڪري ذميداراڻي انداز اختيار ڪرڻ تي زور ??نو.