اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي ج?? خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيواهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدايت ??ئي آهي ته وفاقي محتسب جي فيصلي موجب بيواهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بيواهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي ت??ريخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ??ندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ??ندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪايت ??ندڙ چيو ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس ک?? شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪايت ??ندڙ پنهنجي شڪايت جي از??لي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، وفاقي محتسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيواهه کي بح??لي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز، جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي ت??ت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي ت??ريخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بح??لي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وفاقي محتسب جي فيصلي ج?? خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي فيصلي ج?? خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.