اسل??م آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تعمير ۽ ترقي کي ي??يني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي ي??يني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.