اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? ۽ ??ورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻوله?? ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير يوڪرين جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ياد ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازي صورتحال تي ??فسوس جو اظهار ڪ??و هو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري سان ئي فوجي تڪرار کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن تي ??ڪرارن جي منفي اثرن کي اجاگر ڪ??دي وزيراعظم عمران خان سفارتي ??ل جي اهميت تي ??ور ڏيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير تازن واقعن تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪ??دي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار ڳالهين ۽ مسلسل سفارتڪاري جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. پرڏيهي وزير لاڳاپيل گهڻ رخي معاهدن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب معاملي جي حل جي اهميت تي ??ور ڏنو. جوزف بوريل صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ??ان گڏوگڏ عالمي معيشت تي ??ن جي اثرن کي اجاگر ڪ??و. هن سفارتي ??ل ڳولڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي بوريل ٻطرفا رابطا برقرار رکڻ تي ??تفاق ڪيو.