اسلام آباد – 19 – م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ حامين جي نالي پيغام ?? چيو آهي ته ملڪ جا بدمعاش ۽ غدار ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن صوفي بزرگ حضرت شمس تبريزي جي قول جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته چالن ۽ دوکيبازن جي فڪر نه ڪريو جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو توهان کي ڦاسائڻ ۽ تڪليف پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته الله انهن کي به ڦاسائي رهيو آهي. کڏا کو??يندڙ سدائين پنهنجي کو??يل ??ڏن ۾ ڪِرندا. هن چيو ته ڪو بُرو سزا کان بغير نه ٿو رهي ۽ ڪا سٺائي بغير انعام جي ناهي رهندي تنهن ڪري انصاف تي يقين رکو ۽ ان کي باقي رهڻ ڏيو.