اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ا??ن ايف سي ا??سٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي ا??سٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر عل?? ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌ??ان ڏيڻ تي به زور ڏنو.