اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روينيو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روينيو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي وي جڏهن اسان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ??ن چئنلز کي ڊجيٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ادارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي ??ڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 22 پريس ڪلب هن سال ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۽ ليب جي ??اءِ چونڊيا ويا آهن انهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اسٽوڊيو ۽ ايڪيوئپمنٽ ملندو جنهن سان مقامي صحافي ڊجيٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهندا، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفاقي وزير پنهنجي ??وئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي ??هرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ٺٽو پ??يس ڪلب، ??لت??ن پريس ڪلب، فيصل آباد پريس ڪلب، ميانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، لاه??ر پريس ڪلب، جهنگ پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، پشا??ر پريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آباد پريس ڪلب، اسڪردو پ??يس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، مظفر آباد پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد شامل آهن.