اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪئي، کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس کي ٽيليفون ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف ٽيليفون تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مبارڪباد ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽيليفون ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري و??ير??عظم جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. و??ير??عظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ??لا??ل ڀٽو و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ٽيليفون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. و??ير??عظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي و??ير??عظم کي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عيد جي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.