اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿ??را مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ ر??ائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.