ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج در??ني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي بز??گن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي هڪ ن??مت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهر??ن ته هن اسان کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي جنهن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سان سمورن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي نمايان مقام ڏياريون.