اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاث?? ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان چيو آهي ته قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان پهچي وئي آهي. قطر کان انساني امداد جي پهرين اڏام جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي استقبال سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير م??مد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر م??نيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.