لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پاڪستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کا?? سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پاڪستان جي وسيلن سان ممڪن نه آهي، دنيا جي ذميداري آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جو سيڪر??ٽر?? جنرل هتي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي صورتحال ڏسڻ آيو آهي، ان خطرناڪ ٻوڏ ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، هزارين زخمي، لکين گهر تباهه ٿيا، وڏي پئماني تي بيٺل فصلن کي نقصان پهتو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، گڏيل قومن جو سيڪر??ٽر?? جنرل متاثرن سان همدردي لاءِ هتي آيو آهي، توهان جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار روپيا في خاندان متاثرن ۾ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ وفاق 70 ارب روپيا فراهم ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل انتونيوگوتريش چيو ته گڏيل قومن طرفان ان خطرناڪ سانحي تي توهان سڀني سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، ماضي ۾ چوماسي دوران مختلف ملڪن ۾ برساتون ڏٺيون آهن، ترقي يافته ملڪن ماحوليات کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، صنعتن جي ڪري آلودگي زمين جي گرمي پد ۾ وڏي حد تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، گليشيئرز تيزي سان پگهرجي رهيا آ??ن جنهن سان ٻوڏ اچي رهي آهي، اها صورتحال پاڪستان کي به درپيش آهي، هن چيو ته پاڪستان ان ماحولياتي آلودگي جو ذميدار نه آهي پر ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جو شڪار آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده صورتحال وڏي پئماني تي مدد جي ضرورت آ??ي، هو آلودگي جي ڪري موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي، گهرن جي تعمير، آبادگارن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ان کي وڏن وسيلن جي ضرورت آ??ي، تنهن هوندي به اڪيلو پاڪستان ايترا وسيلا نٿو رکي جو هو ا?? جو ازالو ڪري سگهي، جن ملڪن اهي حالتون پيدا ڪيون هي انهن جي ذميداري آهي ته هو ا?? صورتحال مان نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، سيڪر??ٽر?? جنرل چيو ته آلودگي جو سبب بڻجندڙ ملڪ فطرت جي خلاف پنهنجي جنگ بند ڪن، اهو ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي، موسمياتي تبديلين جي حالتن جو سبب بڻجندڙ آلودگي کي روڪين، هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ جيڪو آواز پاڪستان جو آهي اهو ئي گڏيل قومن جو به آهي، هن چيو ته اسان کي موجوده صورتحال سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، ان لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿارينداسين. هن چيو ته ٻِهراڙي جي علائقي ۽ خانداني آبادگاري جي شعبي سان لاڳاپيل ناطي هو آبادگارن جي ٿيندڙ نقصانن کي سمجهي ٿو. هن دعا ڪئي ته ڪو ا??ڙو معجزو ٿي وڃي جو توهان جي سمورن نقصانن جو ازالو ممڪن ٿئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار روپيا وفاق طرفان پيش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آ??يون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل ان ڏک درد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي ته جيڪا تاريخي ڳالهه آهي، هن چيو ته عالمي دنيا سان گڏجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهڙو منصوبو جوڙيندي ته آئنده ٻوڏ سبب انفرااسٽرڪچر کي ان قدر نقصان نه پهچي.