ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف از??ڪس??ان جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ از??ڪس??ان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي از??ڪس??ان جي اعليٰ ??يادت، دفاع وارو وف??قي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وف??قي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. وزيراعظم از??ڪس??ان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آ??ي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ از??ڪس??ان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.