اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ پراڻن ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وف??قي وزير ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي ملڪ جو وزيراعظم نا??زد ٿيڻ تي سعودي سفير کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن کي حتمي شڪل ??يڻ جي لاءِ ورڪنگ ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ميڊيا ۽ فلم جي شعبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي دل ۾ خادم ??لح??مين الشريفين ۽ سعودي قيادت جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي. اطلاعات واري وف??قي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ سعودي عرب جي سفير جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ذاتي طور تي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ??يڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي شديد ڏک ٿيو آهي. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن امداد جاري رکندي.