اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دفاع?? نمائش ”آئيڊياز“ عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته گذريل سالن دوران دفاع?? نمائش ”آئيڊياز“ هڪ اهڙي اهم پليٽ فارم جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي جنهن سان عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اڳڀرائي اجاگر ٿئي ٿي. وزيراعظم چ??و ته دفاع?? نمائش آئيڊياز 2022ع جو موضوع ”امن جي لاءِ هٿيار“ پاڪستان جي امن ۽ سلامتي جي خواهش جو اظهار آهي. هن چ??و ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جو دفاعي شعبو ٽيڪنالاجي جي موجوده دور جي گهرجن موجب آهي.