اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي ترقي کي ??اڪ??تان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيز ڪي?? وڃي، دالين ۽ ٻين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جيل اءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي ڏنل تاريخي آبادگار پئڪيج تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ ناڻي واري و??اقي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??اقي وزير چوڌري طارق بشير چيما، وفاقي گهرووزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت واري و??اقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، اطلاعات واري و??اقي وزير مريم ??ورنگزيب، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد کي تيز ڪي?? وڃي، زرعي شعبي جي ترقي ??اڪ??تان ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي ضامن آهي. هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ ??اڪ??تان ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻو آهي، ملڪ ۾ غذائي تحفظ جي لاءِ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪنولا ۽ زيتون جي پوکيءَ ۽ پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ آبادگارن کي دالين سميت ٻين غذائي جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٻجن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد جي لاءِ نوجوانن جي لاءِ قرض اسڪيم، ننڍن آبادگارن جي لاءِ وياج تي ڇوٽ ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ننڍن آبادگارن کي بنا وياج جي زرعي قرض فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي بئنڪن کي هدايت جاري ڪري چڪي آهي. هلندڙ مالي سال ۾ نومبر تائين 664 ارب جا زرعي قرض آبادگارن ۾ ورهايا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ آهن.