اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شر??ف ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرين جي وقت سر ۽ ٺوس مدد جي لاءِ اپيل ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ فوتگين ۽ دل ڏکائيندڙ ۽ دردناڪ منظر سامهون اچي رهيا آهن، وڏي پئماني تي جيڪو انساني الميو پيش آيو آهي ان ڏس ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ وقت سر ۽ ٺوس مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.