اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪار?? جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترق?? جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽي?? جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپن?? جي چ??ف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. ??در چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادارن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وفد جي سربراهه ??در کي مختلف آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪمپن?? جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ڪمپني پاڪستان جي ريلو?? جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان ادار?? جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.