اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شاگردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه مي??يڪ?? ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگ??دي??ڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چي?? ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪيو. سدائين ڪوشش رهي ته مي??يڪ?? جي شعبي ۾ بهتري آندي وڃي. پرڏيهي وزير چي?? ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتري طرف گامزن آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي شعبي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه مي??يڪ?? ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته شاگرد پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پرڏيهي وزير چي?? ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چي?? ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي مي??يڪ?? جي شاگردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.