اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي بيلاروس جو پرڏيه?? وزير سرگئي ايلينڪ 30 ۽ 31 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻئي پرڏيه?? وزير ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت ٻطرفي دلچسپي جي ڪيترن .ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس ??ي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. پرڏيه?? وزير گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي بيلاروسي هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي.