اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هر??سم??نٽ جي خاتمي واري ??حت??ب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هر??سم??نٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. پائيڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هر??سم??نٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پائيڊ شڪايت ڪندڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هر??سم??نٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هر??سم??نٽ جي معاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب آڏو ٻڌڻي هيٺ آهي، هر??سم??نٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب جي حڪم جي خلاف پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي هڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب وٽ هر??سم??نٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. ??حت??ب انڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت ??حت??ب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين معطل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇڏيو هو. جوابدارن ??حت??ب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ??حت??ب بجا طور تي پائيڊ جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي.