بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عر??ق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان اها ملاقات بغداد ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عر??ق جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي صدر گڏيل تعاون جي سمورن ??عب?? ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته پاڪستان ۽ عر??ق جي وچ ۾ احترام ۽ روايتن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن.