اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پار??ي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ان موقعي تي بي اي پي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پار??ي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان عوامي پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پار??ي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حسين مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حسن بلوچ، اسحاق ڊار، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??عظ?? نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪمي??ي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي تفصيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي، بلوچستان عوامي پارٽي سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي ترقي لاءِ وزير??عظ?? جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي قدمن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ بلوچستان عوامي پار??ي جي پارلياماني ليڊر خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر نصيب الله بازئي پڻ شرڪت ڪئي.