اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ ??ومز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ ??ومز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ ??ومز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻ??رن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻ??رن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ ??ومز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻ??رن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻ??رن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻ??رن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد ??و پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻ??رن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻ??رن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.