اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي اي?? سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم اي?? سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ اي?? سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال اي?? سي او سربراهه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ ??وش??الي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.