اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي س??ت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي غلط مهم جوئي ??ي جواب ۾ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چيو ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ڀارت جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي ??يرذميواراڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چيو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي ??ياسي مقصدن جي لاءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀارتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي ??يرذميواراڻا بيان علائقائي ??من ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذميواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري س??ن ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لا??ِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي س??ح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي ڀارت جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي ??خلاقيات ۽ زميني حالتون ڀارت جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهن??و ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذر??عي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.