اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دن??ا مان سياحن جي پاڪستان ۾ د??چس??ي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ”سلام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ وزيرا??ظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دن??ا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پ??اه?? قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت منظرن سان نوازيو آهي، خاص طور تي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيرا??ظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لاءِ سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.