اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وف??قي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ انٽرميڊيئٽ (پارٽ ون ۽ ٽو) جي سالياني امتح??ن 2023ع جي نت??جن جو اعلان ڪيو ويو. پارٽ ٽو ۾ ڪاميابي جي شرح 83.86 سيڪڙو ۽ پارٽ ون ۾ ڪاميابي جي شرح 61.82 سيڪڙو رهي. وف??قي تعليمي بورڊ طرفان نت??جا جاري ڪرڻ واري تقريب ۾ نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي خاص مه??ان هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي بٽڻ دٻائي نت??جن جو اعلان ڪيو. نت??جن موجب انٽرميڊيئٽ پارٽ ٽو ميڊيڪل گروپ ۾ ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون. پري ميڊيڪل ۾ پهرين پوزيشن پنجاب ڪاليج ايڇ اليون جي ايشل شاهه نور فاطمه 1075 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ٻي پوزيشن حانيه عث??ان 1072 مارڪون کڻي ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول همايون روڊ سان آهي جڏهن ته ٽين پوزيشن ردا ملڪ 1066 مارڪون حاصل ڪري ماڻي، ان جو تعلق آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊ?? ڪينٽ سان آهي. جڏهن ته پري انجنيئرنگ ۾ پهريون ٻئي پوزيشنون آرمي پبلڪ اسڪول راولپنڊ?? ڪينٽ جي شاگردياڻين عشبا فاطمه 1969 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ۽ عائشه ظفر 1059 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آرمي پبلڪ اسڪول چڪلالا ڪينٽ جي زويا احمد 1954 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.