اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت انساني حقن ??ي ڪيترين ئي عالمي تنظيمن هڪ گڏيل خط ۾ جي 20 جي ميمبر ملڪن خاص طور تي ڪانفرنس ۾ گهرايل ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جو ڌيان والاريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين خلاف ورزين طرف ڇڪرايو آهي. هن چيو ته خط ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ جاري جابراڻي پاليسين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اظهار جي آزادي، پرامن ميڙ ۽ انجمنن تي پابندين کانسواءِ آزاد ميديا ۽ سول سو??ائٽي گروپس جي خلاف ڪريڪ ڊائون ?? شدت شامل آهي. ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ منظم طريقي سان دهشتگردي جي خاتمي ۽ رياستي سلامتي جي قانونن جو استعمال ڪري رهي آهي جن ۾ (يو اي پي اي) ۽ ڄمون ڪشمير پبلڪ سيفٽي ايڪٽ شامل آهن ته جيئن والاريل علائقي ۾ انساني حقن ??ي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي سگهجي. ترجمان چيو ته ڀارت جي 20 سربرا??ي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ هو عالمي سطح تي پاڻ کي هڪ اهم ملڪ طور پيش ڪري ٿو، ان کي عالمي انساني حقن ۽ قانونن تحت پنهنجي ذميوارين جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين خلاف ورزين جو خاتمو ڪرڻ گهرجي.