اسلام آباد – 14 – سيپ??مب?? (اي پي پي) پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي آصف دراني 11 کان 12 سيپ??مب?? تائين ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. سفير آصف دراني پنهنجي ايراني هم منصب خصوصي نمائندي علي قمي سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ايران جي پرڏيهي وزير امير عبدالل??يا?? سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته اهو دورو افغانستان ۾ ??من ۽ استحڪام جي گڏيل آئيڊيل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.