اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن (نيوٽيڪ) جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي مينڊيٽس ۽ ان جي موجوده منصوبن بابت بريفنگ وٺڻ هو. نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان نگران وفاقي وزير کي ٽيوٽ تي ٻڌل مختلف قدمن ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي گڏيل منصوبن بابت ٻڌايو جن ۾ پرائيم منسٽر يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام، هنر سڀني جي لاءِ ۽ تڪاف?? اسڪل ويريفڪ??شن پروگرام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٽيوٽ جي شعبي کي وڌائڻ ۽ نوجوانن کي مارڪيٽ سان هلندڙ شعبن ۾ مهارتن سان بااختيار بڻائڻ. نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪس??ان ۾ ٽيوٽ جي منظرنامي کي عالمي معيار موجب تبديل ڪرڻ جي لاءِ صوبائي ٽيوٽ شعبن ۽ عالمي حصيدارن سان انضمام جي اهميت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير پاڪس??ان ۾ ٽيوٽ جي شعبن ۾ سڌارن ۽ استحڪام جي لاءِ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تڪاف?? اسڪل ويريفڪ??شن پروگرام ۾ گهري دلچسپي ورتي جيڪو سعودي عرب ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جي وچ ۾ مهارت جي جاچ، سرٽيفڪ??شن ۽ پاڪستاني هنرمند فورس کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل منصوبو آهي. نگران وفاقي وزير ٻڌايو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن روايتي ۽ هائي ٽيڪ اسڪل پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي هنرمند بڻائي ملڪ جي معاشي ڪردار ۽ اسڪل ڊيولپر ۾ وڌيڪ نمايان ??ردار ادا ڪري سگهي ٿو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن وڌيڪ بڌايو ته سندس اولين مقصد پاڪس??ان ۾ هنرم??دي جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ ٻين مهارت تي ٻڌل ملڪن سان تعاون ڪرڻ آهي جنهن سان آخرڪار پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح تي تسليم ۽ قبول ڪيو وڃي. نگران وفاقي وزير نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن کي دلي طور تي تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو يقين ڏياريو. هن ٽيوٽ جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ باقاعدگي سان نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪم??شن جو دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو سندس قيادت ۾ پاڪس??ان ۾ هنرم??دي جي ترقي ۽ تعليم جي لاءِ مستقبل جو واعدو ڪري ٿو.