اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پ??ڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ور??ائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻا??ي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقا??ي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابي?? تي روشني وڌي.