اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ ??يش??وراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ اي??وپيا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ اي??وپيا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي مل??ن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند ??يش??وراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صحيح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ اي??وپيا جي سفير جمال بيڪر چيو ته اي??وپيا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اي??وپيا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، اي??وپيا جي سفير وفاقي وزير کي اي??وپيا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل اي?? او يو تي صحيح ڪرڻ جي د??وت ڏني، مدد علي سنڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ د??ستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وزير چيو ته ٻنهي مل??ن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.