لنڊن – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. واضح رهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جي مرضي ۽ خواهشن جي خلاف سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو هو. ڄمون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي هن تقريب ۾ ڪراس پا??ٽي برٽش پا??ليامينٽرينز، ڪشميري اڳواڻن، دانشورن ۽ انس??ني حقن جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. هائي ڪمشنر پنهنجي ريمارڪس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪ??و. ان ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ڀارت 76 سال اڳ الحاق جي دوکيبازي جي بنياد تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن ڀارتي قابض فوج جي هٿان بيگناهه ڪشميرين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڌيان ڇڪرايو. هائي ڪمشنر ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظالماڻي قانونن ۽ انس??ني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي پا??ليامينٽرينز ۽ مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني بحران بابت خدشن کي اجاگر ڪ??دي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظ??ار ڪيو. هنن برطانيا جي حڪومت کان ڪشميرين جي ح??ن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو. هنن برطانيا جي پا??ليامينٽ ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو انس??ني حقن جي تنظيمن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهچ فراهم ڪري. انس??ني حقن ۽ خودمختياري جي معاملي تي زور ڏيندي هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي عالمي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ هائي ڪميشن ۾ هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پا??ان جاري ظلمن جا ثبوت تصويرن جي صورت ۾ ڏيکاريا ويا.