لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز ج?? فراهمي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ?? ميو اسپتال ويو ۽ ميو اسپتال جي ايمرجنسي بلاڪ جي نئين سر تعمير جو جائزو ورتو. نگران وزيراعظم جاري تعميراتي ڪمن ۽ ايمرجنسي بلاڪ ۾ ٺاهيل نر??نگ ڪائونٽر ۽ ڪنسلٽنٽ روم جو معائنو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي پروگرام کي ساراهيو. هن تعميرات ۽ مواصلات واري کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز ج?? فراهمي جي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي سرجيڪل ٽاور ?? سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت مان اکين جي علاج جي لاءِ آيل قيدين جي عيادت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي ريڊنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ ريڊنگ روم ۾ مطالعي جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.