اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين، قانون ۽ جمهوريت جي ??صولن سان گڏ بيٺل آهيان، بل تي سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندو، ان جو احترام ڪنداسين. سينيٽ جي ??جلاس ۾ موشن پڪچرز ترميمي بل 2023ع پڻ ايجنڊا ۾ شامل هو. سينيٽر رضا رباني نگران حڪومت پا??ان بل پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو. جنهن تي اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اها ڳالهه وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي 63 سال عمر آهي ۽ سڄي زندگي آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق نه ايندو، سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪري ان جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. هن چيو ته بل جي ??ياري تي ڪيترو عرصو لڳي ٿو سينيٽ جي ميمبرن کي ان جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، هي بل اسان وٽ اچڻ کان اڳ اڳوڻي حڪومت جي ??ور ۾ پڻ غور هيٺ رهيو. هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ ليگل برانچ مون کي اهو ئي مشورو ڏ??و ته توهان موشن پڪچرز (ترميمي) بل 2023ع سينيٽ ۾ پيش ڪريو ان لاءِ آئون حاضر ٿيو آهيان پر ان تي چيئرمين ۽ سينيٽ جيڪو به فيصلو ڪندا آئون ان جو احترام ڪندس. چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو فوري ن??عيت جو معاملو نه آهي ته ان کي چونڊيل حڪومت جي ??چڻ تائين التوا ۾ رکيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي بل هونئن به ڪميٽي ۾ وڃڻو هو ۽ جيئن ته قومي اسيمبلي موجود نه آهي، فوري طور تي قانون نٿو ٺهي سگهي ان لاءِ جيڪو به فيصلو توهان ڪندا ان جو احترام ڪيو ويندو. ان کانپوءِ چيئرمين ان معاملي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان تي اٽارني جنرل سان به مشاورت ڪئي ويندي ۽ جمعي ڏينهن ان تي فيصلو ڪيو ويندو.