دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي ز??اع??، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪ??نفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي وزي??اع??م مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي ز??اع??، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ??ضا??ي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزي??اع??م ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزي??اع??م کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.