اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و ته پاڪستاني قوم دهشتگردي ??ي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيو?? ڏنيون، پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چ??و ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.