اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ??اه?? آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازم?? آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي ره?? آهي، فائونڊيشن مع??شر?? ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري ره?? آهي، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تا??ين پهچ وڌائڻ آهي، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي ره?? آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس مع??شر?? جي جوڙجڪ جي لاءِ ضرور?? آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.