ڪراچي – 19 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته فلورل آرٽ رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو ٿراپي جو هڪ قسم آهي جيڪو اسان جي مجموعي ??هن?? صحت جي لاءِ فائديمند آهي. اها ڳالهه هن مسقط عمان ۾ منعقد پاڪستان بابت بلوم عمان ۾ انعام ک??ين??ڙ فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان (ايف اي ايس پي) جي ميمبرن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول چ??و ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ??هن?? دٻاءُ، پريشاني ۽ ڊپريشن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏي ٿي. هن چ??و ته اسان اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان نه رڳو پنهنجي ماحول کي صاف ڪريون پر اهڙين سرگرمين کي پڻ فروغ ڏيون جيڪي اسان جي ??هن?? صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. هن چ??و ته فلورل آرٽ جون تقريبون باقاعدگي سان منعقد ڪري اسان نه رڳو پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا پر پنهنجي نوجوان نسل کي به اهڙين صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي سگهون ٿا. هن چ??و ته فلورل آرٽ ۽ ٻوٽن جي ثقافت نه رڳو اسان جي عوامي جاين کي خوبصورت بڻائي ٿي پر اسان جي زندگين ۾ رنگ ڀري ٿي. ثمينه عارف علوي بلوم عمان مقابلي ۾ پاڪستان جي لاءِ 11 انعام کٽڻ تي ايف اي ايس پي کي مبارڪباد ڏني. هن تقريب جي شرڪت تي ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد سُڃاڻپ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ثمينه عارف علوي چ??و ته گذريل 5 سالن دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي حقن ۽ ??هن?? صحت بابت شعور اجاگر ڪن. ان موقعي تي خاتون اول بلوم عمان ۾ پاڪستان جي لاءِ انعام ک??ين??ڙ ايف اي ايس پي جي ميمبرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.