اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ نگران ڪ??بي??ا ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي پنهنجي گهر پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي، پاڪستان جي عوام ۾ بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وفاقي ڪ??بي??ا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ وفاقي ڪ??بي??ا ۽ عملي جي ڀرپور معاونت کي س??را??يو. هن نگران ڪ??بي??ا جي سمورن ساٿين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. پرنسپل سيڪريٽري، ڊي ايم ايس ۽ ٻئي مددگار اسٽاف جون خدمتون س??را??ه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ۽ وزارتن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۾ پرنسپل سيڪريٽري جو ڪردار انتها??ي اهم رهيو. ڪ??بي??ا سيڪريٽري جنهن انداز ۾ ذميواريون سرانجام ڏنيون ان تي هو خراج تحسين جو مستحق آهي. ملٽري سيڪريٽري بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. هن چيو ته ڪ??بي??ا سيڪريٽري ۽ ٻين قابل بيوروڪريٽس جي موجودگي اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جنهن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. مون کي پاڪستان سان محبت آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ نمايان مقام ڏيارڻو آهي. پاڪستان بابا بلهي شاهه، شاهه عبداللطيف، خوشحال خان جي ڌرتي آهي، پاڪستان مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز آهي جنهن جي پنهنجي منفرد سڃاڻپ آهي.