اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ??لب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خ??تمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ??لب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برا??ر جا شريڪ آهيون. هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي ص??ر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.