اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي م??لياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو ??هي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري جي تڪميل تي م??ن جي چيف نٿن پورٽر طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چئي وئي آهي. آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستاني عملدارن جي درخواست تي عالمي م??لياتي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي اندروني اقتصادي پروگرام جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ آءِ ايم ايف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي م??د تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي عالمي م??لياتي فنڊ ۽پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن جي پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي م??د تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان جي سڌارن واري پروگرام جو مقصد ملڪ کي م??اشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي موزونيت لاءِ خرچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي م??صولن ۾ اضافو ۽ عوامي م??ليات کي م??تحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪستان جي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي واڌ طرف اڳڀرائي جاري رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جا عملدار ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي م??د تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جاري رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ايم ايف جي ٽيم مشن جي دوري دوران نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ مهمانوازي تي پاڪستاني عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.