اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز2 ??حت انهن پنج اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ٿيل سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، ادارن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ وزارتن جي اعليٰ عملدارن کي انهن ڪ??ري??ورز تي گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ورڪنگ ??رو??س کي آگسٽ 2023ع ۾ چين جي صدر جن پنگ جي تجويز ڪيل 5 ڪاريڊورز تي ڪانسپٽ پيپرز تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز 2 ??حت انهن 5 اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، سي پيڪ فيز 2 جا سمورا منصوبا انهن پنج نون ڪ??ري??ورز موجب تيار ڪيا وڃن. احسن اقبال چيو ته پنج نون ڪاريڊورز ۾ ??رو??، اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، انوويشن، گرين ۽ ريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن، اهي پنج ڪ??ري??ورز پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ ”فائيو اي ايز“ سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن چيو ته انوويشن ڪ??ري??ور ??حت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نون منصوبن جو بندوبست ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ مهارت ڏيڻ شامل آهي. اوپن ريجنل کي آپريشن ??حت سي پيڪ سينٽرل ايشيا سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ دوستاڻا لاڳاپا قا??م ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پنج ڪ??ري??ورز جي حوالي سان پاڪستان جي هوم ورڪ بابت تيار ڪيل دستاويز چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران پيش ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون سي پيڪ پورٽ فوليو ??حت پنج سالن جو منصوبو تيار ڪن ۽ کين جي سي سي آڏو پيش ڪن، سيپٽمبر ۾ وڌ کان وڌ جوائنٽ ورڪنگ ??رو??س جا اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن آئنده پنج سالن جي سي پيڪ جو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي، اسان جو مقصد صنعتي ۽ واپاري ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ڊگهي مدي وارن منصوبن کي هر شعبي جي لحاظ کان بريڪ اپ ڪري ورڪنگ ??رو??س ۾ شامل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سموريون وزارتون ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي پيڪ جو باقاعده پلان تيار ڪري پيش ڪن، گڏيل ورڪنگ ??رو?? جي ايجنڊا ۽ ڄاڻايل منصوبن جي چونڊ لاءِ هفتيوار گڏجاڻيون منعقد ڪيون وڃن، ايندڙ پنج سالن جي ڄاڻايل ايجنڊا ۽ پلان تيار ڪن. هن چيو ته اسان کي نه رڳو پنهنجو پنج سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي پر چين جي سي پيڪ فيز 2 جي منصوبي جي به مڪمل تفصيل معلوم هجڻ گهرجن. نون آئيڊياز تي ٻڌل منصوبا تيار ڪريون، ايندڙ گڏيل ورڪنگ ??رو?? ۽ جي سي سي جي اجلاس لاءِ ڄاڻايل منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.