اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪالهه شهيد پائليٽ راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين يوم شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته راشد منهاس شهيد بي مثال بهادري ۽ جرعت جو مظاهرو ڪ??ي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، قوم س??دس قرباني ۽ شجاعت کي هميشه ياد رکندي. اڱاري ڏينهن شهيد راشد منهاس جي 53 هين يوم شهادت جي ??وقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. شهيد وطن جي حفاظت خاطر پنهنجي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته اسان جي ??ٿياربند فوج م??ڪ خاطر لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن. جيڪا ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان ناهي ڪيٻائيندي.