اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي انشو??نس محتسب (??يف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن انشو??نس ڪمپن??ن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انشو??نس پاليسي هولڊرز يا انهن جي گهرڀات??ن کي 15.2 ملين رپ??ن کان وڌيڪ جي مجم??عي رقم ??دا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ??يف يو لائيف انشو??نس لميٽيڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي هدايتون ڏنيون آهن. تفصيل موجب وفاقي انشو??نس محتسب جي سامهون اهي الزام هنيا ويا هئا ته اي ??يف يو لائيف انشو??نس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حس??ن کوکر کي پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن انهن پنهنجي رقم جي واپسي يا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين انهن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ??يف يو لائيف انشو??نس لميٽيڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پريشان ڪندڙ صورتحال تي شڪايت ڪندڙن پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفاقي انشو??نس محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپن??ن کي هدايت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجم??عي طور تي 15.2 ملين رپيا ??دا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفاقي انشو??نس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفاقي انشو??نس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ??يف يو لائيف انشو??نس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي وئي ته اها نظاره بي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 ملين رپيا، نيڪ محمد کي 2.508 ملين رپيا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 ملين رپيا ۽ اديب روشن کي 933992 رپيا ??دا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 ملين رپيا ۽ عابد حس??ن کوکر کي 1.328 ملين رپين جي رقم ??دا ڪري.