اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا??ُ الله تارڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينيئر ۽ ناليواري هد??يتڪار الطاف حسين جي لاڏاڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جو قيمتي اثاثو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي يادگار فلمن ۾ هد??يتڪاري ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪستان فلم انڊسٽري جو نالو روشن ڪيو. هن چيو ته الطاف حسين جو لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان فلم انڊسٽري پر پوري ملڪ جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، اڄ جڏهن اسان کيس وڃائي چڪا آهيون ته اسان کي ان ??ي خدمتن کي ياد رکڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پو??ئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.